فراڊ ڪيس: فلاحي اداري جي سربراھ شلپا ۽ اُن جي امڙ کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

0
217

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلاحي واري اداري جي سربراھ ڪرن باوا پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ان ڳالھ جي تصديق ڪئي آھي شلپا شيٽي ۽ ان جي والدا جو ھُن جي اداري سان ڪو بھ تعلق ناھي، ڪجھ ڏينھن اڳ ڀارتي ميڊيا پاران دعويٰ ڪئي وئيھئي تھ شلپا ۽ ان جي والدا سنندا شيٽي سماجي اداري جي نئين برانچ کولڻ جي لاءِ ٻن ماڻھن کان ڪروڙين رپيا ورتا، پر اھا برانچ نھ کولي وئي، جڏھن تھ ھاڻ ڪرن باوا چيو آھي تھ آن لائن گردش ڪندڙ بي بنياد افواھن تي ٻڌل ڪھاڻين ۾ ڪا بھ صداقت ناھي، اداري جي چيئرپرسن ڪرن باودا سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو تھ شلپا ۽ ان جي والدا جو منھنجي اداري سان ڪو بھ تعلق ناھي، ڀارت جي نيوز چينلز ۽ سوشل ميڊيا بنا تصديق جي خبرون ھلائن پيا.