اسلام آباد جي 15 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

0
168

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد انتظاميه ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ ٿيڻ تي 15 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو، ضلعي انتظاميه طرفان سيڪٽر ايف 6، آءِ ايٽ فور، آءِ ٽين ٿري، جي 6 ون، جي نائن ون، جي نائن ٽو، جي سيون ٽو، ايف اليون ٽو، چڪ شهزاد ۽ اين آءِ ايڇ ڪالوني ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب جن علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو اتي فارميسي ۽ ضروري شين جا دڪان کليل رهندا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي، ڊي اي ايڇ او جي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5421 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 561 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، اسلام آباد ۾ ويڪسينيشن مرڪز 14 آگسٽ تي کليل رهندا جڏهن ته 9 ۽ 10 محرم الحرام تي بند رهندا.