غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڪچي جي علائقي ڳوٺ نهال جعفري ۾ مبينا هٿياربندن جعفري برادري جي گهرن/ڏسو صفحو 2 بقايا 03
تي فائرنگ ڪئي ۽ ٽن ڌنارن ممتاز جعفري، گهنور جعفري ۽ جمال جعفري کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد هڪ ڌنار محمد بخش جعفري کي اغوا ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ رڍون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر ڳوٺاڻن مٺل جعفري، گلزار جعفري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هٿياربندن حملو ڪري چوپايو مال ڦر ڪيو، هنن ٻڌايو ته اغوا ٿيل ڌنار کي بعد ۾ هٿياربندن ڇڏي ڏنو. هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل ڍور واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.