عورتن بابت ميرا جو بيان، سوشل ميڊيا تي تنقيد جي وَر

0
164

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان ميرا عورتن کي عزت ڏيڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ عجيب غريب بيان وائرل ٿي رهيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا ميرا کي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. وڊيو پيغام ۾ ميرا جو عورتن کي عزت ڏيڻ جي معاملي تي مردن کان مطالبو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.اداڪارا ميرا پنهنجي پيغام ۾ مردن کي چيو ته ڇوڪرين کي عزت ڏيندا ڪيو، ڇوڪرين جي عزت ڪندا ڪيو.وڊيو ۾ ميرا وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين کي ايتري عزت ڏيو جو هڪ ڏينهن اهي پاڻ ئي  توهان کي تنگ ڪرڻ لڳن.اداڪارا جي وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ ان کي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.واضح رهي ته تازو ئي لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عائشا اڪرم نالي ٽڪ ٽاڪر سان سوين مردن جي بدسلوڪي وارو واقعو پيش آيو هو.