لاهور)م ڊ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳيون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات 12 وڳي کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ نيون قيمتون لاڳو ٿيڻيون هيون پر فيصلو ڪيو آهي ته ساڳيون قيمتون برقرار رهنديون ان ۾ ڪابه گهٽتائي يا واڌ نه ٿيندي. 16 کان 31 جنوري تائين پيٽروليم قيمتون ساڳيون رهنديون، پيٽرول في لٽر قيمت 214 رپيا 80 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 227 رپيا 80 پئسا، لائيٽ ڊيزل 169 رپيا ۽ گاسليٽ 171 رپيا في لٽر قيمت هوندي.