حويليان (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ 74 سالن دوران پهريون ڀيرو مهانگائي عروج تي آهي، عوام چاهي ٿو ته هِن جعلي حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، ڪنوينشن کي خطاب دوران هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ووٽ کي عزت ناهي ملندِي ته پوءِ اهڙا حڪمران ايندا، جن کي رڳو ڪرسي جِي پرواهه هوندي آهي ۽ جڏهن ڪٺ پتلي اقتدار ۾ آندا ويندا آهن ته پوءِ ملڪ جون حالتون اهڙيون ئي خراب ٿينديون آهن، هن چيو ته نوازشريف جَي دور ۾ غريب به پيٽ ڀرَي سمهندو هو، نواز شريف دور ۾ جڏهن پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو هو ته چوندا هئا ته وزيراعظم چور آهي، پر اهو ته چور نه نڪتو. هن چيو ته مهانگائي حڪومتي نا اهلي سان گڏ ووٽ جي عزت پائمال ڪرڻ جو به نتيجو آهي، مهانگائي سبب عوام دانهون ڪري رهيو آهي ۽ عوام چوي ٿو ته جعلي حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.