اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ڊي ايم بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي خلاف سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ٻن هفتن تائين احتجاجي مظاهرن، ريلين جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي مان جان ڇڏائڻ لاءِ قوم کي گهرن مان نڪرڻو پوندو، حڪومت آءِ ايم ايف جي مفادن جي چوڪيداري ڪري رهي آهي، ڪرپٽ ترين حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، اهو ڪنهن جو ڏوهه آهي سليڪٽڊ يا سليڪٽرز جو؟ تفصيل موجب ڪالهه پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، جي يو پي شاهه اويس نوراني، مسلم ليگ (نواز) جي شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو تهحڪومت پاران روز مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، عوام جون دانهون ۽ ڪوڪون آسمان تائين پهچي ويون آهن، غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، غريب ماڻهو پنهنجي ٻارن کي بک تي ڏسي نه ٿا سگهن، ان صورتحال ۾ پي ڊي ايم پاران ايندڙ ٻن هفتن لاءِ مهانگائي خلاف مظاهرن جو اعلان ڪريون ٿا، 19 آڪٽوبر تي 12 ربيع الاول آهي، ان بعد سڄي ملڪ اندر هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ مهانگائي خلاف مظاهرا ڪيا ويندا، مظاهرن جو مرحلو جيئن مڪمل ٿيندو پي ڊي ايم ايندڙ احتجاجي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي، فضل الرحمان چيو ته مهانگائي خلاف ملڪ ۾ ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته مهانگائي ، بيروزگاري، معاشي تباهي جي صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاءِ قوم کي گهرن مان نڪرڻو پوندو، پي ڊي ايم قيادت ڪرڻ ۽ هر محاذ تي اڳتي اچي وڙهڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پوري قوم کي اپيل ڪيون ٿا ته مهانگائي خلاف قوم ميدان ۾ اچي، احتجاج ۾ شامل ٿئي، فضل الرحمان چيو ته اهڙا حڪمران جيڪي قوم لاءِ عذاب بڻجي وڃن انهن کي وڌيڪ موقعو ڏيڻ نه ٿا چاهيون، 3 سال اڳ پاڪستان مٿان ڪل قرض 25 هزار ارب هئا، هاڻي اهي 45 هزار ارب ٿي ويا آهن، اهو قرض قوم ڪيئن ادا ڪندي؟ 3 سال اڳ ملڪ جي معاشي ترقي 5.8 سيڪڙو هئي، هاڻي ملڪ معاشي ترقي جي حوالي سان منفي شرح ۾ وڃي رهيو آهي، پي ڊي ايم سربراهه چيو ته هي حڪمران جعلي، نالائق، نااهل ۽ ڪرپٽ آهن، انهن کي قوم تي مسلط ٿيڻ جو ڪو حق ناهي، عوام پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي بار ۾ دٻجي ويو آهي، 4 مهينن ۾ هن حڪومت 8 ڀيرا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، 15 جون کان پوءِ هن وقت تائين پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 30 رپيا 70 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، اهو قوم سان ظلم آهي، حڪومت آءِ ايم ايف جي مفادن جي چوڪيداري ڪري رهي آهي، حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف لاءِ چراگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، فضل الرحمان چيو ته سليڪٽيڊ ۽ نااهل حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، موجوده حڪومت ڪرپٽ ترين حڪومت آهي، عوام سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرن کان سوال ڪندو ته اهو ڪنهن جو ڏوهه آهي، هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان هر شئي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي، دوائون ته 400 سيڪڙو مهانگيون ٿي چڪيون آهن. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته قوم لاءِ عذاب بڻجي ويل حڪمرانن کي وڌيڪ رهڻ جو موقعو نه ڏينداسين، 5 سال پورا ڪرڻ جو ڪو چانس ناهي، هن چيو ته پي ڊي ايم جو اڄ سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ مهانگائي واري ايجنڊا کانسواءِ ٻيا مامرا به شامل آهن جن بابت گڏيل فيصلو ڪري اعلان ڪنداسين.