اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت بجلي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون، پيٽرول اگهن ۾ رڪارڊ اضافو به ڪيو پوءِ به پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڃا ڳالهين جو عمل مڪمل ناهي ٿي سگهيو، عالمي مالياتي اداري ۽ پاڪستان وچ ۾ قرض لاءِ اڃا معاهدو ناهي ٿي سگهيو، آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا جي دوري تي پهتل شوڪت ترين ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ نيويارڪ پهتل آهن، هوڏانهن ناڻي بابت وفاقي وزارت وضاحت ڏيندي چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جي ناڪامي وارين خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم موجب جمعي ڏينهن ڳالهيون جتي هيون، سومر کان اتان ئي شروع ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون بنا وقفي سومر کان ٻيهر شروع ٿينديون. ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهيون ختم ٿيڻ جي ڪا حتمي تاريخ ناهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪاميابيءَ تائين جاري رهنديون. ترجمان موجب ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم واشنگٽن ۾ ڳالهين لاءِ موجود آهي، شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر شيڊيول موجب نيو يارڪ ۾ ملاقاتن ۾ مصروف آهن. واضح رهي ته ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته حڪومت مهانگائي اڳ ۾ ڪري ڇڏي ۽ هاڻ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون، مزمل اسلم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪرنسي جاپان جي ڪِري آهي، ڀارت جي به ڪري پئي آهي، 2020ع ۾ 168 هو، هن واڌ تي ماڻهو تنقيد ڇو ڪري رهيا آهن، ڪورونا وائرس جي ڪري ڪرنسي مضبوط ٿي هئي، ماڻهن جا ڪاروبار بند هئا.