سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينئر نائب صدر طاهر حسين شاھ چيو آهي ته عوام بئٽ تي ٺپو هڻي ثابت ڪيو آهي ته عمران خان ئي سندن اڳواڻ ۽ ليڊر آهي، پي ٽي آءِ، جي فتح تي پوري قوم، پارٽي قيادت ۽ پارٽي ورڪر مبارڪون لهڻن. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ملير ۾ پيپلز پارٽي پاران ڌاڌلي ڪئي وئي. بلال غفار سميت ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته عوام لٽيرن کي سڃاڻي چڪو آهي. عمران خان ئي هن ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندو.