سڪرنڊ (ن پ ا) پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جو انوکو ڪارنامو، پنج سال اڳ فوت ٿيل ملازم کي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ملازم علي اڪبر ڪيريو 19سيپٽمبر 2017 ۾ فوت ٿي چڪو آھي، ٻئي طرف فوتي ملازم کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر پاران به گذريل 6 مھينن کان ڊيوٽي تان غير حاضر رھڻ جا به نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، کاتي جي اھڙي عمل تي وارثن حيرت جو اظهار ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته علي اڪبر ڪيريو ڊيوٽي دوران پنج سال اڳ فوت ٿي چڪو آھي، سندس پينشن به گھرواري کڻندڙ آھي، اداري پاران ڊيوٽي تي حاضر ٿيڻ جا نوٽيس اچي رهيا آهن، فوت ٿيل کي ڪٿي ڳوليون.