حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ زال جي قتل جي ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته سموريون شاهديون ۽ جاچ جوابدار کي ڏوهي قرار ڏنو آهي ان لاءِ کيس ڦاهي تي لٽڪايو وڃي. نوابشاهه جي اي سيڪشن پوليس 17 مئي 2020ع تي عبدالڪريم خاصخيلي جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته جوابدار محمد عارب خاصخيلي زمين مان حصو گهرڻ تي سندس ماسي حاجران کي ڪوڏرن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو. 4 نومبر 2020ع تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نوابشاهه ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدار سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت اپيل داخل ڪرائي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي اپيل رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.