عمرڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ 15 جولاءِ تي آپريشن جو فيصلو!!

0
313
حيدرآباد: حددخلين خلاف

عمرڪوٽ:عدالتي حڪم تي ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ پاران 15 جولاء تي شھر مان حددخليون ۽ غير قانوني قبضا ھٽائڻ لاءِ وڏو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. عمرڪوٽ جي وڪيل ۽ شھري عباس ٻٻر ۽ عبدالجبار بجير جي درخواست تي عدالت پاران شھر جي روڊن,دڪانن,مارڪيٽن ۽ مک چوراھن آڏو قائم ٿيل غير قانوني حددخليون ۽ قبضا فوري ھٽائڻ جو حُڪم ڏنو ويو ھو. عدالت 02 جولاء تي آرڊر پاس ڪري ڌر بڻايل عملدارن ۽ اختيارين کي ھدايت ڪئي ته فوري طور تي شھر جي روڊن، مارڪيٽن ۽ چونڪن آڏو موجود قبضا ۽ حددخليون ھٽائي مڪمل رپورٽ سميت 16 جولاء تي عدالت آڏو حاضر ٿي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٿر بازار، موتي چوڪ، تين تلوار، الله وارو چوڪ، ڪاليج روڊ، روحل بس اسٽينڊ سميت اڪثر روڊن ۽ مارڪيٽن توڙي چوراھن تي قبضا ۽ حددخليون موجود آهن.