جيڪب آبادي: نيب ٽيم تي حملي ۾ملوث جوبدار وڌيڪ رمانڊ تي پوليس حوالي!!

0
406

جيڪب آباد: پوليس نيب ٽيم تي حملي ڪيس ۾ گرفتار ستن جوابدارن جو 7 ڏينهن جو ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. پوليس نيب تشدد ڪيس ۾ وڌيڪ ٽن جوابدارن کي رفيق جکراڻي، اصغر جکراڻي ۽ منظور جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو. پوليس گرفتار 10 جوابدارن صوبائي صلاحڪار جي سؤٽ ولي جکراڻي، جاويد مينگل، ديدار جکراڻي، عابد ڀٽي، سجاد مستوئي ۽ ٻين کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي چار ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.