عمرڪوٽ جو تاريخي گرائونڊ ٽئڪسي اسٽينڊ ۾ تبديل: ڀتين ۾ ڏار

0
175

عمرڪوٽ (رپورٽ:الياس ٿري)عمرڪوٽ جو تاريخي ۽ مشھور لانٻا عرف ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ ٽئڪسي اسٽينڊ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ پاران تعمير ٿيندڙ نئون انڪليوزر بلڊنگ جو ڪم به رولڙي جو شڪار آهي. نئون غوثيه انڪليوزر تعميرات جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي، جنھن جو افتتاح ڪجھه ڏينھن اڳ ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي ڪيو ھو.  ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ اندر ٽيڪسين، جيپن، چنگچي رڪشن ۽ وڏين لوڊر گاڏين جي بيھڻ سبب نه رڳو راندين جي گرائونڊ جي سونھن تباھ ٿيڻ لڳي آھي پر ڪرڪيٽ گرائونڊ غير محفوظ ٿي ويو آھي، جتي گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن ۽ گرائونڊ جي چوديواري اندر پڻ گندگي آھي. انتظامي لاپرواهي سبب گرائونڊ جي چوديواري جون ڀتيون به ڏار پوڻ سبب تباهه ٿي رهيون آهن. هن گرائونڊ تي مقامي ليول جا ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس، شوٽنگ والي بال ۽ ملاکڙو به ٿيندو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان راشد لطيف، شرجيل خان، محمد سميع، سرفراز احمد، دانيال عزيز، حامد ثنا، شاھنواز ڏاھاڻي ۽ ٻيا ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ تي ڪرڪيٽ کيڏي چڪا آھن. ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکندڙ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ گرائونڊ جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام آھي. ٻئي پاسي ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي 90 واري ڏھاڪي ۾ ٿيل آل سنڌ رحيمداد خان خاصخيلي ٽورنامينٽ ٿيو، جنھن جو خاص مھمان ان وقت جو وڏو وزير سنڌ سيد مظفر حسين شاھ ھو ۽ پاڪستان قومي ٽيم جي مئنيجر يار محمد سولنگي به شرڪت ڪئي ھئي، جڏھن ته مشھور شخصيتن الھداد خان کوسو، غلام حيدر خان پٺاڻ،  شھيد ذوالفقار علي خان ڀٽو، شھيد محترمه بينظير ڀٽو، شھيد سورھيه بادشاھ ۽ ٻين اڳواڻن جي نالن سان ٽورنامينٽس به ٿي چڪا.