ڏهرڪي: پسند جي پرڻي تان ناريءَ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، ڀاءُ گرفتار

0
424
پسند جي پرڻي تان

ڏهرڪي  (رپورٽر) پسند جي پرڻي بعد مڙس کان زبردستي ڌار ڪيل قتل ڪيل ناري واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ بااثر سرگرم ٿي ويا، گذريل ڏينهن کينجهو ٿاڻي حد ۾ ناري عزت جوڻيجو کي مبينا طور ڀائرن گهر اندر قتل ڪري آپگهات ڄاڻاڻو هو، کينجهو پوليس ناري جي ڀاءُ منظور کي گرفتار ڪري جاچ شروع  ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي 4مهينا اڳ مڙس گل محمد کان هڪ بااثر معرفت ڌار ڪيو ويو  هو، ناري جي مڙس گل محمد جوڻيجو ۽ عزت خاتون پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي سوشل ميڊيا تي وڊيو ۾ تحفظ جي اپيل ڪئي هئي، پوليس موجب شڪ آھي ته عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، جاچ هلندڙ آهي.