اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾  دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان سزا حاصل ڪندڙ ٽن جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته جوابدارن جا وڪيل هن عدالت آڏو ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪنهن به نقص جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ان ڪري اپيلون خارج ڪيون وڃن ٿيون، ڪالهه ڊويزنل بينچ آڏو ڊپٽي اٽارني جنرل خواجا امتياز دليل ڏيندي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي باني وارو مامرو برطانوي حڪومت جي آڏو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽن جوابدارن خالد شميم، محسن علي ۽ معظم علي کي 10- 10 لک رپيا ڏنڊ سميت عمر قيد جي سزا  ٻڌائي وئي هئي.