اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ  حملا ڪيس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي استثنيٰ ختم ڪرڻ واري درخواست منظور ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بريت واري درخواست تي فيصلو 15 مارچ تي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه مختصر ٻڌڻي دوران جج محمد علي وڙائچ چيو ته اڄ بريت وارين درخواستن تي فيصلو جاري ڪرڻو هو جيڪو 15 مارچ تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي استثنيٰ ختم ڪرڻ واري درخواست منظور ڪجي ٿي.