ڪراچي (م ڊ) سوئر جي دل ٽرانسپلانٽ ڪرائيندڙ دنيا جو واحد شخص  ڪامياب آپريشن جي ٻن مهينن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. آمريڪي رياست ميري لينڊ سان واسطو رکندڙ ڊيوڊ بينيٽ کي 12 جنوري 2022 تي ڪامياب آپريشن ۾ خنزير جي جينياتي طور تي تيار ڪيل دل لڳائي وئي هئي جنهن کانپوءِ هو بهتر محسوس ڪري رهيو هو. ڊيوڊ جي موت جو سبب سامهون نه آيو آهي پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت خراب ٿي پئي هئي. ڊيوڊ پهريون شخص هو جنهن ۾ خنزير جي دل لڳائن وارو ڪامياب تجربو ڪيو ويو هو. ان مقصد لاءِ سائنسدانن خنزير جي دل کي جينياتي طور تي تبديل ڪيو هو.