ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ احتجاج

0
233
ڪامورن پاران ترقين ۾

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي سروس جي ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 17هين کان 21هين گريڊ جي صوبائي سروس جي ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو

صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس گروپ، پي ايس ايس ۽ پي ايم ايس گروپ جي آفيسرن گڏيل احتجاج رڪارڊ ڪرايو

آفيسرز ايسوسيئيشن چيو ته ترقين ۾ صوبائي سروس جي آفيسرن سان ناجائزي ڪري کين ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ترقين وارا نوان ٺهندڙ رولز آئين ۽ قانون توڙي عدالتي فيصلن جي ابتڙ آهن

رياض جکراڻي چيو ته پرامن احتجاج شروع ڪيو آهي، اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي وهنوار هلايو ويندو