لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم جي عهدي تان لهڻ کانپوءِ رابطو ختم ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي چيئرمين رميز راجا پريس ڪانفرننس ۾ صحافي جي عمران خان بابت سوال تي انڪشاف ڪيو ته عمران خان هن سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو آهي. رميز راجا چيو ته مان نه بلڪ عمران خان وزيراعظم جي عهدي تان لهڻ کانپوءِ رابطو ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ئي اهو ويو مونسان رابطو هن آف ڪري ڇڏيو. جڏهن رميز راجا کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا بلاڪ ڪيو ويو ته رميز راجا ان ڳالهه تي ڪنڌ لوڏيو ۽ مسڪرائي ڏنو. رميز راجا وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪرڪيٽ بورڊ جو پيٽرن انچيف آهي پنهنجي پروجيڪٽس بابت هن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ملاقات جو وقت گهريو آهي.