حڪومت عوام جي کيسي مان اک ڇو نه ٿي ڪڍي ؟

0
144
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪي معيشت کي جيڪي روڻيون لڳل آهن اهي بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن ۽ اهي روڻيون ٻڌڻ لاءِ عوام جي کيسي تي روز کاٽ هنيو وڃي ٿو. ٽئڪس لڳايا ته وڏن ۽ سرندي وارن ماڻهن جي نالي تي وڃن ٿا پر ان جو بار ڦري گري اچي عوام جي کيسي تي ئي پوي ٿو، جنهن جو جواب حڪمرانن وٽ اهو آهي ته عوام  تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر  حقيقت کي ڏٺو وڃي ته اهو سڄو بار عوام تي ئي پئجي رهيو آهي. جيئن چوڻي آهي ته ترن جو تيل ترن مان ئي نڪرندو تيئن ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي نالي تي سڌا يا اڻ سڌا ٽئڪس عوام کان ئي ورتا پيا وڃن. پيٽرول ،بجلي گئس ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ  وارو سور ئي عوام کان نه وسريو آهي ته هاڻي وري پگهار تي ڏنل ٽئڪس ڇوٽ به ختم ڪئي وئي آهي ته وري سپر ٽئڪس جي نالي تي 10 سيڪڙو ٽئڪس وڏين صنعتن تي لڳائڻ جو چيو ويو آهي جيڪو ڦري گري عوام جي کيسي مان ئي اوڳاڙيو ويندو.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 4 ارب کان وڌائي 7 هزار 470 ارب رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي  ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 50 هزار کان هڪ لک ماهوار پگهار تان ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري اڍائي سيڪڙو انڪم ٽئڪس ورتو ويندو، هڪ لک کان 3 لک رپيا پگهار کڻندڙ ماڻهو تي 12 سيڪڙو انڪم ٽئڪس لڳندو،  جڏهن ته  حڪومتي معاشي  ٽيم جي اجلاس کان پوءِ ٽي وي ذريعي قوم سان مخاطب ٿيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ بابت اسان اهم فيصلا ڪيا آهن وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽيڪسٽائيل، آٽو موبائيل، سيمينٽ، اسٽيل، سگريٽ، آئل اينڊ گيس، ايل اين جي ٽرمينل، ڪيميڪل، ايئر لائنز، بيوريجز، فرٽيلائيزر، شُگر ۽ بئنڪنگ سوڌو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳايو ويندو، ساليانو 15 ڪروڙ آمدني تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو، وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو طوفان آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف وڏين صنعتن تي سپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عام ماڻهو کي ٽئڪس کان بچائڻ لاءِ صنعتن تي ٽئڪس لڳايو آهي.

اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ طرف مهانگائي ٻئي طرف ٽئڪسن مٿان ٽئڪس  ۽ پگهارن تي ٽئڪس ڇوٽ ختم،اهي سڀ اهڙا قدم آهن جن سان عام ماڻهو ۽ پگهاردار طبقو وڌيڪ ڏکيائين ۾ اچي ويندو،خبر ناهي وزيراعظم انهن قدمن سان مهانگائي کي ڪيئن گهٽ ڪري سگهندو جنهن جي هو دعويٰ ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پگهاردار طبقي کي اهو چئي ٽئڪس ڇوٽ ڏني وئي ته مهانگائي جواثر گهٽ ڪرڻ لاءِ اها ٽئڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي. وري آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تحت اها ٽئڪس ڇوٽ واپس ورتي وئي آهي،بجلي پيٽرول جا اگهه آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي وڌايا ويا آءِ ا يم ايف کي عوام جي پرواهه ڀلي نه هجي پر سياسي حڪمران ته ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته عوام جي موجوده مهانگائي ڪهڙي حالت ڪئي آهي جو انهن کان اها ٽئڪس ڇوٽ به ختم ڪئي وئي آهي. ٻيو جيڪو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽئڪس لڳائي اهو چيو ويو آهي ته ان جو عوام تي اثرنه پوندو بلڪل غلط ڳالهه آهي. وڏا صنعتڪار پاڻ مٿان لڳندڙ ٽئڪس قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي کيسي مان ئي ڪڍندا، انهن تي شايد بار نه پوي پر اهو سڄو بار عوام جي ئي کيسي ڏانهن منتقل ٿيندو جو ڪو ماڻهو گيهه ،سيمينٽ ڀاڻ خريد ڪرڻ جهڙو ئي نه رهندو.

اسان سمجهون ٿا ته ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ سپر ٽئڪس لڳائڻ سان مهانگائي ۽ بيروزگاري جو اهڙو طوفان ايندو جنهن کي ڪير به منهن نه ڏئي سگهندو .حڪومت پنهنجا ٻيا خرچ گهٽائڻ بدران ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ آخرڪار عوام جي کيسي مان اک ڇو نه ٿي ڪڍي جو عوام هن مهانگائي جي دور ۾ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي.