اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته چورن جي حڪومت ۾ غرب ماني جي لاءِ ترسي رهيو آهي، جڏهن ته عمران خان جي سامهون 3 هزار ارب روپين جي چوري ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته هڪ طرف پي ڊي ايم جهڙن چورن جي حڪومت ۾ غريب ماڻهو ماني لاءِ مري رهيو آهي ته ٻئي طرف عمران خان جي اکين آڏو 3 هزار ارب روپين جي چوري ٿي رهي آهي. فيصل واوڊا عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوها ڇا ڪري رهيا آهيو؟ مديني جي رياست ۾ اوهان جي اکين جي سامهون 3 هزار ارب جي چوري گرين بيلٽ کي برائون بيلٽ ۾ ڪرڻ سان ٿي رهي آهي. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ڇا عدالتون ان معاملي تي ڪجهه ڪنديون؟ هن چيو ته ڪير بيهي يا نه بيهي پر مان هنن جي خلاف ضرور آواز اٿاريندس. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته لاهور اربن سٽي پلان ۾ 3 هزار ارب رپين جي چوري ڪئي وئي. عثمان بوزدار جي دور ۾ اها چوري ٿي آهي. هن چيو ته آئون ان چوري خلاف مزاحمت ڪندس.