ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته عمران خان، ن ليگ ۽ بين پارٽين جي اڳواڻن جون اعتراض جوڳيون وڊيو موجود آهن جيڪي جاري ٿي ويون ته ٽاڪوڙو مچي ويندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حامد مير چيو ته عمران خان جون اعتراض جوڳيون هڪ نه پر ٻه وڊيوز آهن، جن جو رانا ثناءُ الله ذڪر ڪيو آهي، مون به ڏٺيون آهن، ٻين صحافين کي به ڏيکاريون ويون آهن. عمران خان کان علاوه ن ليگ ۽ بين پارٽين جي اڳواڻن جون وڊيوز به موجود آهن اهي به پريشان ٿين ۽ توبهه ڪري وٺن. هن چيو ته اهي وڊيوز ليڪ نه ٿيڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته اهي اسان ميڊيا تي هلائي نه ٿا سگهون پر اهي سوشل ميڊيا تي جاري ٿينديون ۽ قوم اهو سوچيندي ته اسان جا سياستدان ڪهڙي قسم جا آهن.