ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن  ڪراچي ۾ رٿيل  مڪاني چونڊن ۽ قومي اسيمبلي جي 2 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ  ملتوي  ٿيڻ جي افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان اصغر سيال چيو آهي ته  ڪراچي جي 2 قومي تڪن اين اي 237 ۽ 239 تي ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته  مڪاني 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون پڻ شيڊيول موجب ٿينديون.  جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ به ٻوڏ واريون حالتون بهتر ٿيندي ئي مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو ويندو،