اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومتي ڌر ۾ شامل پارٽين جي سينيٽرن سينيٽ ۾ لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي سربراهي جي عهدي تان جسٽس (ر) جاويد اقبال کي هٽائڻ لاءِ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پيپلزپارٽي جي سينيٽ ۾ چيف وهپ سليم مانڊوي والا سميت حڪومتي ڌر جي سينيٽرن جي صحيح سان جمع ڪرايل قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي چيئرمين جو عهدو هڪ حساس عهدو آهي، جنهن شخص تي جنسي حراسان ڪرڻ جو الزام هجي اهو ڪميشن جي سربراهي ڪيئن ڪري سگهي ٿو، حڪومت جاويد اقبال خلاف الزامن بابت پهريان ئي ڪميشن قائم ڪئي آهي، جاويد اقبال کي فوري طور تي لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي چيئرمين عهدي تان هٽايو وڃي.