اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي سائفر بابت سامهون آيل آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته وقت جي وزيراعظم وزيراعظم هائوس ۾ سازش ڪري سازشي بيانيو ٺاهيو، جنهن جو مقصد پنهنجي سياست کي بچائڻ ۽ رياست کي ٻوڙڻ هو، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو، قوم کي بيوقوف بڻايو، ڪهڙي قانون تحت ايڏو وڏو ڪوڙ ڳالهايو ويو، رياست ۽ رياستي پرڏيهي پاليسي کي داءَ تي لڳايو ويو، اهو عمل پاڪستان ۽ قوم سان کيڏڻ برابر آهي، اهو غيرقانوني مامرو آهي، هاڻي عمران خان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سيڪيورٽي ڪاميٽي جو اجلاس آهي، جنهن ۾ رياستي ادارن جا سربراهه به موجود هوندا، اڄ ئي عمران خان خلاف ڪارروائي جو فيصلو ٿيڻ گهرجي، پي ڊي ايم پهريان به بار بار چئي چڪي آهي ته آمريڪي سازشي بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، 10 سالن کان مولانا فضل الرحمان چئي رهيو آهي ته  عمران خان عالمي مهرو آهي، ان جي ايجنڊا پاڪستان جي تباهي ۽ بربادي آهي، اهو آڊيو ليڪ مان ثابت ٿي ويو آهي.