ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي ڌمڪي کانپوءِ گومل يونيورسٽي اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند ڪئي وئي، جڏهن ته وي سي پروفيسر افتخار احمد گورنر ڪي پي ڪي مشتاق غني کي شڪايتي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي ۾ خطرا درپيش آهن، علي امين گنڊاپور مون تي شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جا الزام لڳايا آهن ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آئون شاگردن سان مليس ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته علي امين گنڊاپور جي مبينا آڊيو بيان ۾ گومل يونيورسٽي جي وائرس چانسلر کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، آڊيو ۾ علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته وي سي کي 2 ڀيرا چيو ته استعيفا ڇو ناهي ڏني، پوءِ وري ۾ مون کيس پنهنجي زبان ۾ سمجهايو، مونکي ڪنهن جو خوف ناهي، وي سي روڙا هڻي هڻي رهيو آهي، ان خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهيان، جنهن کي وڻيس خط لکي، نه گورنر جو خوف آهي ۽ نه وري وزيراعظم جو خوف آهي.