اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان صاحب! جيتري اوقات اٿوَ اوترو ڳالهايو، پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان پهرين فيصلو ڪريو ته توهان جو مسئلو ڇا آهي؟ پرڏيهي سازش؟ حقيقي آزادي؟ اليڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او، ڪهڙو مسئلو آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو مقصد چونڊون نه پرپنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي، هو فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي لاءِ اين ار او گهري رهيو آهي.وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي اکين تي اقتدار جي هوس جي پٽي ٻڌل آهي، کيس ٻوڏ ۾ ٻڏل ماڻهو نظر نه پيا اچن.