ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻين کاتن مان ملازمن کي اوقاف کاتي ۾ موڪلڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ذريعن موجب اوقاف کاتي جي اڳوڻي سيڪيريٽري ياسين شر ويندي ويندي عشر زڪوات ڪاميٽي شڪارپور جي اڪائونٽنٽ عزيز الله کي اوقاف کاتي ۾ مقرر ڪيو، ساڳي ريت اوقاف کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام عباس انرجي ڊپارٽمينٽ جي جونيئر ڪلارڪ الطاف حسين کي پڻ اوقاف کاتي حوالي ڪري ويو، اهڙا آرڊر ظاهر ٿيڻ بعد اوقاف کاتي جي ملازمن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، ملازمن جو چوڻ آهي ته 10 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اوقاف کاتي جي ملازمن کي ترقيون ناهن ڏنيون ويون، جنهن ڪري ملازم اڳ ئي احساس ڪمتري جو شڪار بڻيل آهن، مٿان وري ٻين کاتن جي ملازمن کي هتي مقرر ڪيو پيو وڃي.