ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو جي لمس اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ عملي جي بيحسيءَ سبب علي آباد سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر عورت شهزادي اسپتال جي مک گيٽ اڳيان پٽ تي ٻار کي جنم ڏنو، جنهن بعد کيس گائني وارڊ منتقل ڪيو ويو، متاثره عورت جي ماءُ جو چوڻ هو ته اسان ڪيترائي ڀيرا آياسين پر اسان کي اهو چئي روانو ڪيو ويو ته اڃان ڪجھه ڏينھن آهن، توهان بعد ۾ اچجو، اڄ  منهنجي ڌيءَ جي طبيعت خراب ٿي، جڏهن هتي پهتاسين ته عملو اسان کي گهمائيندو رهيو جنهن سبب منهنجي ڌيءَ ايمرجنسي گيٽ اڳيان بار کي جنم ڏنو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اي ايم ايس ڊاڪٽر غلام قادر دل ٻڌايو ته عورت جي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي سندس ڊليوري ٿي وئي هئي، سندس ڊليوري اسپتال پهچڻ کان اڳ گاڏي ۾ ئي ٿي وئي هئي.