حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي فارم هائوس مان هٿ آيل مالهي عثمان سومرو جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل شعبي پاران ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالهي جو موت گولي لڳڻ سبب ٿيو. کيس 6 انچ کان هڪ فٽ يا ڏيڍ فٽ جي فاصلي تي گولي لڳي. گولي لڳڻ سبب سندس موت 10 کان 15 منٽن جي اندر ٿيو. ڊاڪٽرن اهو به ڄاڻايو آهي ته مالهي جو موت نڙگهٽ ٽٽڻ سبب ٿيو ڇاڪاڻ ته کيس گولي نڙگهٽ کان آر پار ٿي جنهن دوران ساهه واريون نسون متاثر ٿيون. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگر عثمان سومرو جي چهري تي به نشان آهن. ڄاڙي ۽ کٻي پاسي واري ڳل تي رهڙن جا واضح نشان نظر آيا. ميڊيڪو ليگل شعبي پاران نينگر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ لاڳاپيل پوليس حوالي به ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته مالهي کي لڳل گولي جو سائيز ننڍو آهي. مالهي جو لاش 8 کان 10 ڪلاڪ جي اندر پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايو ويو هو. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن موجب ته مالهي عثمان سومرو کي لڳل گولي ننڍي هٿيار جي هئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وڏي هٿيار جي گولي لڳي ها ته نينگر عثمان جو چهرو سخت متاثر ٿئي ها پر اها ڳالهه پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ پڌري نه ڪئي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هٿيار وارو معاملو پوليس ٻيهر لکت ۾ لاڳاپيل ادارن جي معرفت اٿاريندي. گڏوگڏ لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس لاش ڀرسان هٿ آيل رائفل ۽ خالي گولي جو کول فرانزڪ ٽيم ڏانهن اماڻي معاملي کي واضح ڪندي. واضح رهي ته 15 آڪٽوبر تي مالهي عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش مختيارڪار قاسم آباد جي فارم هائوس مان مليو هو جنهن بعد ابتدائي طور تي ڄاڻايو پئي ويو ته نينگر مبينا طور آپگهات ڪيو آهي پر خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نينگر کي قتل ڪيو ويو آهي. نينگر جي وارثن نينگر جي مبينا قتل بعد مختيارڪار جي فارم هائوس تي حملو ڪيو هو جنهن دوران مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي وحشياڻي تشدد سبب مرڻينگ ٿيا هئا. هوڏانهن. ڊي آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي اڃا تائين پنهنجي رپورٽ پڌري نه ڪئي آهي نه ئي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ماڻهو گرفتار ڪيا آهن.