عبدالله شفيق جي شاندار اننگز: پاڪستان گال ٽيسٽ کٽي ورتي

0
341
عبدالله شفيق جي شاندار

عبدالله شفيق جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

پاڪستان سريلنڪا طرفان ڏنل 342 رنز جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، عبدالله شفيق پنهنجي 408 بالن جي اننگز ۾ 6 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو

پاڪستان گال ٽيسٽ ۾ نه رڳو پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو وڏو ٽوٽل حاصل ڪيو پر گال اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڏو هدف به پورو ڪري ورتو