ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) اوهان پکين کي کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي ويندي ڏٺو هوندو پر ڇا ڪڏهن اوهان ڪنهن طوطي کي چوري ڪندي ڏٺو آهي؟ اسان اوهان کي هن دلچسپ خبر ذريعي طوطي جي چوريءَ بابت ٻڌائي رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جيڪا سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري رهي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت پارڪ ۾ ليٽي اُس جو مزو وٺي رهي آهي ۽ ايتري ۾ هڪ طوطو خاموشيءَ سان اچي ٿو ۽ عورت جي ڪن مان مهانگو ايئر بڊ ڪڍي اڏامي وڃي ٿوجنهن تي عورت پاڻ به حيران ٿي وئي. عورت طوطي جي وڊيو بڻائي جنهن ۾ طوطو وڻ تي ويهي پنهنجي چنهنب سان ايئر بڊ کي دٻايون ويٺو آهي. عورت طوطي کي مڃائڻ ۽ هن کي ڪيلو ڏئي پنهنجو ايئر بڊ واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ناڪام ٿي وئي.