نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ ڪاليج جي شاگردياڻي چاڪليٽ چوري جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ شرم کان خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڇوڪري 29 آڪٽوبر تي پنهنجي وڏي ڀيڻ سان گڏ خريداري ڪرڻ لاءِ وئي جتي هن چاڪليٽ چوري ڪيو پر شاپنگ مال ۾ موجود ڪيمرائن اهو منظر قيد ڪري ورتو. تلاشي دوران سڪيورٽي عملي ڇوڪريءَ جي قبضي مان چاڪليٽ هٿ ڪيو، شاپنگ مال جي عملي ڇوڪريءَ جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي. ڇوڪري جي پيءُ رتن گهوش موجب سندس ڌيءَ ڪاليج ۾ ٿرڊ ييئر جي شاگردياڻي هئي ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ هوءَ سخت دٻاءُ ۽ ڊپريشن ۾ هلي وئي هئي. هن چيو ته منهنجي ڌيءَ غلطي ڪئي هئي پر مال مالڪن کي ان کان چاڪليٽ جا پئسا وٺي معاملو ختم ڪرڻ گهرجي ها پر هنن کيس سڀني جي سامهون حراسان ڪيو ۽ وڊيو ٺاهي. ڇوڪريءَ جي پيءُ چيو ته شاپنگ مال انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪندس، هنن منهنجي ڌيءَ جي جان کسي ورتي ڇا ڪو کيس واپس آڻي سگهي ٿو؟ واقعي خلاف ڇوڪري جي وارثن ۽ ٻين پاران شاپنگ مال ۽ ٿاڻي جي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.