ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد ٻرڙو ۾ جان محمد ٻرڙي پنهنجي ڀائيٽي دلشاد ڌيءُ دين ٻرڙو کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري ڳوٺ جي نوجوان ماجد پٽ ساجن ٻرڙو کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي نوجوان کي ٺل جي تعلقه اسپتال وارث کڻائي آيا، ڊاڪٽر موجود نه هجڻ ڪري لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ناري ۽ نوجوان جا لاش ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال آندا،ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري ٻه ڪلاڪ ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو.پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، شوڪت ٻرڙو جو چوڻ هو ته جوابدار ظلم ڪري اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدار جان محمد ٻرڙو منهنجي ڀائٽي کي زمين مان ڪم ڪرڻ دوران شڪار ڪرڻ جي بهاني وٺي وڃي قتل ڪيو آهي، پوليس موجب جاچ ڪري رهيا آهيون ته مامرو ڇا آهي؟ باقي علائقي ۾ ڪارنهن ۾ قتل ڪرڻ جا چوٻول آهن.