مانجھند (ن پ ا) ڀ مانجھند ڀرسان ملڪيت جي معامري تي جھيڙي دوران چاچي ھٿان ڀائيٽو قتل ٿي ويو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڪول مائينز ٿاڻي جي حد ۾ ملڪيت جي معامري تان ٻن ڀائرن ڪشمير کوسو ۽ علاوالدين کوسو ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران چاچي علاو الدين کوسو ھٿان 23 ورھين جو ڀائيٽو ڪريم کوسو کي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان کي وارثن پاران ترت علاج لاء آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو جتي زخمن جي سٽ نه سھندي نوجوان فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ڪول مائنز پوليس موجب فوت ٿي ويل نوجوان جو جوابدار چاچو فرار ٿي ويو آخري اطلاع موجب واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.