صنعان قريشي ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاھرا، ڌرڻا، ريليون

0
403

ڪراچي( نمائيندن وٽان) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بحريه ٽائون جي سنڌ دشمن منصوبن، صنعان خان قريشي ۽ قومي ڪارڪنن جي گرفتار خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ميرپور خاص، سکر، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، دادو، ڪنڌڪوٽ، پنو عاقل، ميرپور خاص، گهوٽڪي، بدين، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن، وارث ڏنو ماڇي ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران امتياز عاشق سولنگي، نديم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ دشمن منصوبن بحريا ٽائون خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري زيادتي ڪئي وئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي پاران قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ صنعان قريشي کي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي اصغر سولنگي، شبير ٻرڙو،علي رضا چنا، امير بخش خشڪ، شوڪت مري ۽ صفر ڀنڊ ڪئي، اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون اڳيان سنڌي قوم پرامن احتجاج ڪيو پر ان ۾ ڪجههہ سازشي عناصرن سازش ڪئي، ملڪ رياض جي ماڻهن باهيون ڏنيون، الزام وري قومي ڪارڪنن مٿان هنيو ويو، بحريا ٽائون سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا ۽ سنڌين کي بي گهر ڪيو، ظلم خلاف آواز اٿاريو تہ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، پنگريو ۾ به سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ايس ٽي پي پاران شادي سمال واه جي موري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھرين جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن لکاڏنو عمراڻي الھبخش درس اڪبر لنڊ پپو ھاليپوٽو۽ ٻين ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏيندي گرفتار قومي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، ٻئي طرف جروار ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين صعنان قريشي جي گمشدگي خلاف ۽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته جشقم چيئرمين صعنان قريشي کي جلد آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن نه ته تحريڪ تيز ڪئي ويندي. هوڏانهن واهي پانڌي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف قوم پرست ڪارڪنن جو گورک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهرين وقار مستوئي، لطيف برهماڻي، فيصل جمالي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جون زمينون زرداري ملڪ رياض سميت ڌارين کي کپائي ڇڏيون آهن جيڪا سنڌي قوم کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، هنن الزام هنيو ته زرداري ٽولي جي غنڊن پرامن احتجاج کي پرتشدد ڪيو ۽ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار صنعان خان قريشي ۽ قومي ڪارڪنن فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندا.