صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ۾ عورت کي اڳوڻي مڙس ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. مسمات سهڻي ملاح تي حملو ڪرڻ جو ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو. عبدالرحمٰن انڙ ٿاڻي تي يامين ملاح ۽ سندس پٽ مٿان ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار. رپورٽ موجب صدرجي ڀٽيون جي ملاح پاڙي جي رهواسڻ مسمات سهڻي ملاح صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اڳوڻي مڙس يامين ملاح ۽ آفتاب عرف آپي گهر ۾ گهڙي حملو ڪري ڏنڊا هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ميڊيا تي خبر هلڻ بعد ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو واقعي جو نوٽيس ورتو. سندس هدايتن تي عبدالرحمن انڙ ٿاڻي تي عورت سهڻي ملاح مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس هڪ جوابدار يامين ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي.