گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان گهٽيءَ مان چوپايو مال گذارڻ تان ڳوٺاڻي جو معصوم نينگر مٿان تشدد ڇڏائڻ لاءِ پهتل عورت کي گهٽا ڏيڻ جي ڪوشش. سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ باهو چاچڙ جي رهواسڻ عورت اختياران خاتون چاچڙ پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي سول اسپتال گهوٽڪيءَ ۾ احتجاج ڪندي چيو ته معصوم نينگر عباس علي چاچڙ گهٽيءَ مان مينهون ڪاهي گهر اچي رهيو ته مٽيءَ جي دز اٿڻ تي جوابدار سليم چاچڙ ڪاوڙ ۾ اچي تشدد ڪيو، ڇڏائڻ لاءِ پهتس ته جوابدار مون کي گهٽا ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. دانهون ڪرڻ تي ڳوٺاڻي پهچي مون کي بچائي ورتو. سرحد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار سليم چاچڙ کي گرفتار ڪيو وڃي.