صالح پٽ ( رپورٽ: منير احمد مهر ) صالح پٽ لڳ سول جج روهڙي نثار احمد شر جي اڳواڻي ۾ آبپاشي کاتي سکر جي عملدارن ناراڪئنال سان لڳل غيرقانوني لفٽ مشينن خلاف آپريشن ڪندي 22 کان وڌيڪ لفٽ مشينون پٽي 3 ٽريڪٽر سرڪاري تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي ڪاهي آيا.آبپاشي کاتي جي داروغي غلام فريد سروهي جي فرياد تي محمد صديق نوناري، محمد عمر ملڪ، يار محمد ڀنڀرو، شاهڏنو مهر، غضنفر شاهه، سمون خان ڀنڀرو، بالاچ جعفري، قاسم علي شاهه، نثار شاهه،عبدالغني کوسو، ممتاز خاصخيلي، گلبهار شنباڻي، عابد سروهي، محمد پنجل مهر، سڪندر علي مهر، جاويد شاهه، يوسف مهر، امام ڏنو شاهه، اختيار شاهه، حسين بخش راڄڙ، عقيل ڪٽپر، امام بخش، ميان غلام رسول قريشي، طالب حسين، جنسار ميراڻي، سردار ڏنو ميراڻي، نور محمد کوسو، محمد مراد ڀنڀرو، دلبر ڀنڀرو سميت 46 ڄڻن خلاف گناهه نمبر 47/2021 قلم 379, 61, 62 ايڪٽ تحت پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو. صالح پٽ پوليس موجب فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي سکر بئراج مان نڪرندڙ ناراڪئنال سان آرڊي 55 کان 129 تائين آپريشن ڪيو ويو، جوابدار لفٽ مشينون هڻي بجلي جي موٽرن ۽ ٽريڪٽرن جي مدد سان پاڻي چوري ڪري رهيا هئا، صالح پٽ پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته دوران ڪارروائي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن کي سول ڪورٽ روهڙي ۾پيش ڪيو، جتان عدالت جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.