اڪري چودڳي (ن پ ا) 52 ڏينهن کان ڪرمپور جي ڪچي ۾ سڱاوتي تڪرار تان باندي بڻيل اڪري واسي پيرسن وساڻ شر راڄوڻي ڪوشش ذريعي آزاد ٿي گهر پهچي ويو، وارثن ۾خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي، واضع رهي ته ٻه سال اڳ ڪرايل رشتو ٽٽڻ جي معاملي تان ناراضگي سبب ڪرمپور جي ڪچي واري علائقي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ماڻهن وساڻ شر کي قيد ڪري ڇڏيو هو، ۽ سندس آزادي عيوض 10 لک ڀنگ يا نياڻي سڱ عيوض مطالبو ڪيو هو پر اڪري چودڳي ۽ ڪرمپور جي معززين جي وچ۾ پوڻ بعد راڄوڻي ڪوششن ذريعي پيرسن وساڻ شر جي آزادي عمل ۾ آئي