شھدادڪوٽ: ترقي پسند ھاري سنگت جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

0
214

شھدادڪوٽ (ن پ ا) ترقي پسند ھاري سنگت جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو آهي، مستوئي شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ترقي پسند ھاري سنگت جي سڏ تي ڪامريڊ حيات تنيو ۽ غلام علي مگسي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جو لاڙڪاڻو قمبر روڊ تي رڪاوٽون وجھي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھڻي روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا، مستوئي شاخ ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ايس ٽي پي جي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، غلام علي مگسي، امداد سومرو، شبير مگسي سميت ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته مستوئي شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ھجڻ ڪري ھن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکي نه سگهيا آهيون، پاڻي نه ھجڻ ڪري ماڻهن سميت چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ به پاڻي جو ڍُڪ نه آهي ، اڳواڻن آبپاشي جي صوبائي وزير سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي بنا دير مستوئي شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جو کوٽ ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن ھاري وقت سر ساريالي فصل جي پوکي ڪري بک ۽ بدحالي جي شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن .