ڀيڻ کي مڙس، ڏير ۽ سهري گڏجي قتل ڪيو آهي: ڀاءُ

0
244

حيدرآباد (ن پ ا) قاسم آباد جي فيز ون مان هڪ ڏينهن اڳ عورت جو ڳلو ڪٽيل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، مسمات فاطمه جي ويڳي ڀاءُ ڀيڻ کي ساهرن پاران قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، مرتضيٰ قائمخاني پاران رات دير سان ڀيڻ جو لاش مڙس ڪامران کوسو حوالي نه ڪرائڻ لاءِ پوليس سرجن کي ڏنل درخواست به منظر عام تي اچي وئي، درخواست بعد سول اسپتال جي انتظاميا لاش امانت طور مرده خاني ۾ رکي ڇڏيو هو جتان اڄ صبح جو سندس ويڳو ڀاءُ مرتضيٰ ۽ ٻيا وارث تدفين لاءِ پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا، مرتضي قائمخاني الزام مڙهيو آهي ته ڀيڻ فاطمه کي مڙس ڪامران کوسو، ڏير عرفان علي ۽ سهري رسول بخش کوسو گڏجي قتل ڪيو آهي، فاطمه کي مڙس ڪامران تشدد جو نشانو بڻائيندو هو ۽ گهر لکي ڏيڻ لاءِ ڏير عرفان ۽ سهرو رسول بخش دٻاءِ وجهندا هئا، ڀيڻ کي نشي واريون گوريون به کارايون وينديون هيون جنهن ڪري هو ذهني مريض بڻيل هئي ڪاله به ڀيڻ جو ڳلو انهن ڪٽي کيس قتل ڪيو ۽ معاملي کان بچڻ لاءِ خودڪشي جو رنگ پيا ڏين.