ڪرمپور شهر واسي 2 پورهيت مبينا طور اغوا

0
179

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور شهر واسي ٻه پورهيت ڳڙھي تيغو بند تان مبينا اغوا ٿي ويا، ڪچي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويل عبدالحئي ۽ مانجهي شيخ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيل پورهيتن جي ساٿين واپس پهچي پوليس چوڪي تي اطلاع ڏنو، واپس پهتل پورهيتن ٻڌايو ته ڏڪ بند وٽ 6 هٿياربندن يرغمال بڻائي ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا، مغوين جي وارثن ناپرڪوٽ ٿاڻي تي پهچي واقعي جو اطلاع ڏنو ته شڪارپور پوليس ڳڙھي تيغو جي بند تي ڪيمپ قائم ڪري آپريشن جون دعوائون ڪيون پيون وڃن پر ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيل بند ڪراس ڪري ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيل پورهيتن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي پوليس جي رٽ ڪمزور هجڻ ڪري اغوا جون وارداتون رڪجي ناهن سگهيون.