سڪرنڊ ڀرسان ٻُلھڻ هٿ، وائيڊ لائف کاتي کي اطلاع

0
228

سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ باگو انڙ ڀرسان راهب شاخ مان مڇي مارڻ جي لاءِ ڄار لڳائي وئي جنهن ۾ ٻلھڻ ھٿ ڦاسي پئي، جنھن کان پوءِ ڳوٺاڻن ٻلھڻ کي پڪڙي ورتو، ڳوٺاڻن پاران وائيڊ لائف کاتي وارن کي اطلاع ڪرڻ باوجود به وائيڊ لائف کاتي جا عملدار نه پھتا، ٻئي پاسي ٻلھڻ کي ڏسڻ لاءِ آس پاس جي ماڻھن جي وڏي رش سبب ٻلهڻ مرڻ جو خدشو آهي، ٻلهڻ کي ڏسڻ لاءِ آس پاس مان ڪيترائي ماڻهو پهچي ويا.