شھباز حڪومت ۾ مھانگائي جو پھريون تحفو، بجلي مھانگي

0
302
بجلي بچائڻ لاءِ ڪمرشل فيڊرز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شهباز شريف جي حڪومت ۾ مهانگائي جو پهريون تحفو، بجلي 4 رُپيا 85 پئسا مهانگي ٿي وئي آھي

ان سلسلي ۾ نيپرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه اپريل مهيني جي بلز تي لاڳو ٿيندي، ڪراچي واسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ کان آجا قرار آھن

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وچ ۾ ملاقات

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وچ ۾ ملاقات دوران سنڌوءَ جي بهتري ۽ بحالي جو پروگرام تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي

وڏي وزير چيو آهي ته دِي لانگ انڊس اِنيشيئيٽِوَ پروگرام ذريعي سنڌو درياهه جي قدرتي ماحول ۽ ايڪو سسٽم کي بحال ڪرڻو آهي،چاهيون ٿا ته سنڌوءَ کي ماحولياتي حوالي سان بهتر بڻايو وڃي

انڊس ڊيلٽا کي به بحال ڪرڻ ضروري آهي، گڏيل قومن جي ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس صنعتي گند جي درياهه ۾ ڇوڙ کي تباهي آڻيندڙ قرار ڏيندي چيو ته درياهه مان پاڻي پيئندڙ هر ماڻهو کي سنڌوءَ جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اُن لاءِ درياهه تي شروع کان انڊس ڊيلٽا تائين ڪم ڪرڻو پوندو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ دوران بجلي جي بندش وڌي وئي، شھري پريشان