لاهور: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شو ڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو پي ڊي ايم طرفان ڪيو ويو ۽ نه ڪي ڪنهن هڪ ڌر طرفان. نوٽيس جي رد عمل تي ڇا طئي ڪرڻو آهي اهو مولانا فضل الرحمان جي دانشمندي ۽ قيادت تي ڇڏيون ٿا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن رياستي مشينري سان مقابلو ڪيو آهي ۽ ڊسڪه جي فتح هڪ وڏي تبديلي جو پيش خيمو آهي. هن چيو ته جنهن لاءِ چيو ويو ته ان جي سياست ختم ٿي وئي، تنهن لنڊن مان ويهي هنن کي هارائي ڇڏيو، مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ ۾ 5 سال لڳايا ويا پر مسلم ليگ ن عوام جي طاقت سان انهن جي اڳيان بيٺي آهي جڏهن ته حڪومتي ميمبر ٽي وي تي حڪومت خلاف ڳالهائي رهيا آهن ۽ ٻيا ٺڪاڻا ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته هوءَ جهانگير ترين جي معاملي تي ڪجهه نٿي چوڻ چاهي، پر جهانگير ترين کان سبق سکو، اهي جهانگير ترين جو نيمڪ کائي رهيا هئا، سندس جهاز استعمال ڪري رهيا هئا، ان وقت هو شوگر مافيا نه هو. مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۾ پارٽيون پنهنجي مقصد لاءِ پرعزم آهن ۽ پي ڊي ايم جي جدوجهد پاڪستان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آهي.