شورٽي ڏيو، ڏوهن ۾ ملوث نه آهيون: لاهور ۾ ايس ايڇ اوز کي حڪم جاري

0
213

ڪراچي(م ڊ) لاهور پوليس آفيسرز جو پنهنجي ئي ماتحت آفيسرن تان اعتبار کڄي ويو، جنهن تي ايس ايڇ اوز کان شورٽي بانڊز گهري ورتا. لاهور پوليس جي ايس ايس پي سٽي طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سٽي ڊويزن جي ايڇ اوز هن ڳالهه جي شورٽي ڏيندا ته هو پنهنجن علائقن ۾ ٿيندڙ سوشل ڏوهن ۾ ملوث نه آهن. ايس پي سٽي جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايڇ اوز شورٽي ڏين ته جوا، منشيات ۽ فحاشي جا اڏا انهن جي آڌار تي نٿا هلن، ڪو به ڏوهه نوٽيس ۾ اچڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، ايس ايڇ اوز هي به شورٽي ڏيندا ته ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث هجڻ تي ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ ڪارروائي ٿيڻ تي کين ڪو به اعتراض نه هوندو. پوليس جو چوڻ آهي ته داتار دربار ٿاڻي جو ايس ايڇ او اڪرام خان پهريون شورٽي بانڊ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.