لاهور۾ 24 ڪلاڪن ۾ جنسي زيادتي جا 5 واقعا رپورٽ

0
259

ڪراچي(م ڊ) لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران جنسي زيادتي جا 5 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ پيش ايندڙ 5 جنسي زيادتي جي واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته زيادتي جو هڪ واقعو لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ پيش آيو جتي ويڳي پيءُ مقبول مبينا طور تي 16 سالن جي ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بنايو جنهن جو ڪيس جوابدار جي گهر واري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي شادباغ ٿاڻي جي علائقي ڀگت پوره ۾ 4 ٻارڙن جي ماءُ کي مبينا طور تي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، هوڏانهن مناوان ۾ به 10 ورهين جي ٻارڙي کي نا معلوم جوابدار زيادتي جو نشانو بڻايو. هن کان علاوه لاري اڏا جي علائقي ۾ 17 سال جي ناري کي ملازمت جو ڏٽو ڏئي ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته نوان ڪوٽ پوليس گرجا روڊ تي 7 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي جي ڪوشش تي 15 سالن جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ھي به پڙھندا

لاهور ۾ رڪشا ڊرائيور جي عورت سان سندس ڌيءُ سامهون جنسي ڏاڍائي