خيرپورناٿن شاهه ۾ لاش لاوارث پيل، احتجاج

0
163

خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن ڀرسان ڳوٺ لولجا سامهون انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نامعلوم شخص جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. تعلقا اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ميونسپل انتظاميا جي لاپراهي ۽ نااهلي سبب لاش 36 ڪلاڪ گذرڻ باجود اسپتال ۾ لاوارث پيل آهي، لاش جي تدفين نه ٿيڻ شهري اتحاد پاران احتجاج ڪيو ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن تيز رفتار گاڏي واٽ ويندڙ شخص کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو هو، زخمي کي ڳوٺاڻنتعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ پهچايو، جتي زخمي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو هو.